اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو آ??ي ته 5 آگست 2019ع ڪش??ير??ن جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪش??ير??ن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 لک هٿياربند فوج جي موجودگي جي باوجود ڪش??ير??ن جي آزادي جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي قانونساز اسيمبلي جي ميمبر سحرش ق??ر چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ ڪشمير ۾ تاريخ جو بدترين ڪرفيو آهي، 10 لک فوج معصوم ڪش??ير??ن جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف قدم جو نوٽيس وٺي. ڀارت ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪش??ير??ن کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورتن جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبلي جي ميمبر رفعت عزيز چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري والاريل ڪشمير کي انڊين يونين ۾ ضم ڪري ڇڏيو ان سان گڏ ئي پوري واد??ءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪش??ير??ن تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پوري واد??ءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهرن جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن تي بدترين تشدد، اغوا ۽ گم ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هندوئن جي آبادي جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ جي باوجود جاري آهي. رفعت عزيز چيو ته سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظلم جي باوجود ڀارت آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي، ان دوران گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪش??ير??ن جي مدد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.
5 آگست 2019ع ڪشميرين جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: ڪشميري عورت پارليامينٽرين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت