قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي: صدر


APP54-08 ISLAMABAD: May 08 - President Dr. Arif Alvi visiting National Assembly to review the arrangements made for the forthcoming National Assembly Session to be held on Monday. APP

اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪورونا وبا جي ڏس ۾ صحت جي اصولن تي عمل ڪندي سماجي فاصلي سميت ٻين احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن پارليامينٽ هائوس جي دوري دوران ڏني. صدر قومي اسيمبلي جي هال جو دورو ڪيو ۽ قومي اسيمبلي جي سومر کان شروع ٿيندڙ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن اجلاس بابت بريفنگ جي صدارت ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ قومي اسيمبلي جي اعليٰ عملدارن صدر کي بريفنگ ڏني.

مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش

متعلقہ مضامین