اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ???? ته ڪرپشن ۽ شڪست کاڌل ادارن جي بني??د تي مديني جي رياست جو ڍانچو بيهي نٿو سگهي، ان لاءِ س??ارا ضروري آهن. مختلف نجي ٽي وي چئنلز سان ڳالهائندي هن چيو ته حڪومت طرفان هڪ سال ۾ ڪيل سڌارن جي ذريعي وزيراعظم عمران خان ٽيڪس وصولي کي پهريون ڀيرو تحريڪ جي شڪل ڏني آهي، هن چيو ته ٽيڪس جي ذريعي گڏ ڪيل رقم عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ لاچار ماڻهن کي قرض ڏيڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ لنگر خانا قائم ڪرڻ ۾ خرچ ڪئي پئي وڃي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری