اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وف??قي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ۽ وف??قي ڪابينا جي ميمبرن کان احتساب جو عمل شروع ڪندو، ڪابينا ميمبرن جي سرڪاري خرچ تي ٻا??رئ??ن مل?? علاج جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ اضافي گاڏين جي نيلامي جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، نو??ز شريف ۽ مريم نواز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ حسن نواز، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي مل?? واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ٻا??رئ??ن مل?? پاڪستاني دولت کي واپس آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي، وف??قي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخا??ه خاڪن جي ٻيهر ڇپائي جي پرزور مذمت ڪري ٿي، هالينڊ جي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪنداسين، او آءِ سي جي فورم تي پڻ ان معاملي کي اٿاريو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي پهرين اجلاس بابت ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وف??قي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخانا خاڪن جي ٻيهر ڇپائي تي سراپا احتجاج آهي.
وزيراعظم پاڻ ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان احتساب شروع ڪندو: فواد چوڌري
مضمون کا ماخذ : apostas quina