اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) ايند?? مالي سال 18 -2017ع جي 5 هزار 310 ارب روپين جي ماپي جو وفاقي بجيٽ پيش ڪيو ويو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 2010ع جو 50 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس ضم ڪندي ان تي 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، دفاعي بجيٽ ۾ 79 ارب روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، ٽيڪس وصولين جو ڪاٿو 4013 ارب روپيا لڳايو ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جو ڪاٿو 837 ارب 80 ڪروڙ روپيا لڳايو ويو آهي، زراعت، صنعت، روانگي واپار سميت ٻين شعبن تي مراعتن جو اعلان ڪيو ويو آهي، بيت المال ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت سماجي تحفظ جي شعبن جي بجيٽ ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي?? پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي لاءِ ضرب عضب اسپيشل الائونس جي طور تي 10 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ناڻي واري وزير قو?? کي اپيل ڪئي آهي ته هو معاشي ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿي اڳتي وڌن. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايند?? مالي سال 18 – 2017ع جي لاءِ وفاقي بجيٽ قو??ي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي.
ايندڙ مالي سال 18 -2017ع جي 5 هزار 310 ارب روپين جي ڪاٿي واري وفاقي بجيٽ پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی