اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته وزيراعظم جو پاناما ڪيس سان ڪو به تعلق نه آهي، محمد نواز شريف ملڪ جو ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم آهي، جنهن ايٽ??ي پروگرام، انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ، هيلٿ ڪيئر پروگرام، پهرين انٽرنل نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ڏني ۽ تعليمي سڌارا پروگرام تحت تعليم جي معيار کي بلند ڪيو، وزيراعظم نواز شريف ملڪ کي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام ڏنو، عمران خان نه رڳو نااهل آهي پر ڪوڙا الزام لڳائڻ ۽ احتجاجي سياست جو بادشاهه آهي، ان لا??ِ هي پيغام آهي پاڪستان صرف اڳتي وڌندو ڇو ته پاڪستان جو وزيراعظم محمد نواز شريف آهي، عمران خان جو مقصد پاڪستان جي اندر بهتري آڻڻ نه پر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي هر منصوبي ۾ دير ڪرائڻ آهي. ڪالهه خميس ڏين??ن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم او??نگ??يب چيو ته پاناما ڪيس تي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڄ به اهو ئي موقف آهي جيڪو پهرين ڏين??ن هو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو پاناما ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي.
وزيراعظم جو پاناما ڪيس سان ڪو به تعلق نه آهي:مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا