اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ان کي امن جو گهوارو بڻائينداسين، ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم ڪردار اديبن، شاعرن ۽ اهل علم ۽ دانشورن جو آهي، آپريشن ضرب عضب سان گڏوگڏ آپريشن ضرب قلم جي پڻ سخت ضرورت آهي. هو اڪادمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ چوٿين عالمي اهل قلم ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ??وقعي تي وز??راعظم جو قومي ۽ ثقافتي وارو صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هو. وز??راعظم چيو ته کيس اهل علم ۽ دانشورن جي خوبصورت ڪانفرنس ۾ شرڪت تي خوشي آهي، اهل قلم ڪنهن به معاشري جو سڀ کان ??يمتي اثاثو هوندا آهن.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔