پئرس/گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس ايندڙ سال منعقد ٿيندڙ پئرس اولمپڪس ??وران عورت رانديگرن کي حج??ب پائڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻي طرف گڏيل قومن سيڪيولرازم جي نالي تي فرانس طرفان اولمپڪ راندين دوران فرانس جي رانديگرن کي حج??ب پائڻ کان روڪڻ ج?? جواب ۾ عورتن تي لباس جو ضابطه اخلاق مڙهڻ يا ان تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي اصولي مخالفت جي تجديد ڪئي آهي. انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان مارٽا هرٽاڊو هڪ سوال ج?? جواب ۾ چيو ته عام طور تي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو خيال آهي ته ڪ??هن کي به عورتن کي اهو حق نه ڏيڻ گهرجي ته کيس ڇا پائڻ گهرجي يا ڇا پائڻ نه گهرجي. هن ياد ڏياريو ته عورتن خلاف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جي خاتمي بابت ڪنوينشن سمورين ڌرين کي ان معاملي تي فرانس کي ڪمتري يا برتري جي خيال جي بيناد تي ڪ??هن به سماجي يا ثقافتي ماڊل ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ ضروري مناسب قدم کڻڻ جو پابند ڪري ٿو. هن زور ڀريو ته هي امتيازي طرز عمل نقصانڪار نتيجن وارو ٿي سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته عالمي انساني حقن جي معيار موجب مذهبن يا عقيدن جي اظهار تي پابندين جهڙوڪ لباس جي چونڊ، صرف انتهائي مخصوص حالتن ۾ قبول جوڳو آهي، هن اها ڳالهه فرانس جي راندين واري وزير ايميلي اوڊيا ڪاسٽيرا جي تازي بيانن ج?? جواب ۾ چئي. واضح رهي ته فرانس جي وزير ٻه ڏي??هن اڳ ملڪي چئنل فرانس 3 تي وضاحت ڪئي ته حڪومت هڪ سخت سيڪيولر نظام لاءِ پرعزم آهي، ج??هن جو سختي سان راندين جي ميدان ۾ لاڳو ٿئي ٿو، ان جو مطلب آهي ته ڪ??هن به قسم جي تبليغ تي پابندي لڳائي وڃي، هي عوامي خدمت لاءِ مڪمل غير جانبدار?? جو مطلب آهي ان لاءِ جيڪي ماڻهو اسان جي وفدن جي نمائندگي ڪن ٿا اسان جي فرانس جي ٽيمن ۾ ححاب نٿا پائي سگهن. فرانس جي وزير تسليم ڪيو ته عالمي اولمپڪ ڪميٽي حج??ب پائڻ کي مذهبي عنصر طور تي نه پر هڪ ثقافتي عنصر طور تي سمجهڻ تي ٻڌل ??نطق جي طور تي ڏسي ٿي.
فرانس ۾ عورت رانديگرن جي حجاب تي پابندي لاڳو، گڏيل قومن جي تنقيد
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ