صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار


اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي. صدر مرحوم جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا به ڪئي.

مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس

متعلقہ مضامین