پاڪستان ۽ ازبڪستان جو معيشت، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، دفاع ۽ علائقائي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ تزويراتي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق، وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري


اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان معيشت، واپار، سائنس، ٽيڪنالاجي، ثقافت، تعليم، سيڪيورٽي، دفاع ۽ علائقائي تعاون جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تذويراتي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪوششن جي حمايت ۽ ان ڏس ۾ جنرل اسيمبلي ۾ تعاون، افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته غيرملڪي بئنڪن ۾ افغان ذخيرن کي منجمند نه ڪرڻ تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن سمورن علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور ۽ واپار، معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت، تعليم، سلامتي، دفاع ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون تي خصوصي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ صديون پراڻا تاريخي، مذهبي، ثقافتي ۽ سائنسي لاڳاپن ۽ اڳ کان طئي ٿيل معاهدن جي بنياد تي سمورن شعبن ۾ تزويراتي حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڏس ۾ تزويراتي حصيداري جي معاهدي جو فيصلو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ جي اندر رهندي عالمي فورمن تي رابطن کي تيز ڪرڻ سميت عالمي ۽ علائقائي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل موقف رکندڙ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي عالمي ۽ علائقائي فورمن تي گڏيل تعاون جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي صدر کي 2022ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي فورمن ۾ ازبڪستان جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 2022ع جي وچ ۾ شنگهائي تعاون تنطيم جي سربراهي اجلاس جو انعقاد شامل آهي. ازبڪستان جي صدر شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ازبڪستان جي سربراهي دوران غربت جي خاتمي جي طريقيڪار جوڙڻ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي تعاون جي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ٻطرفا سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه جي آجيان ڪندي ٻنهي اڳواڻن ان سنگ ميل کي مناسب طريقي سان ملهائڻ تي اتفاق ڪيو. ازبڪ صدر ان موقعي تي نئين ازبڪستان جي حڪمت عملي تي پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو ته سڌاراجاتي عمل جو مقصد ازبڪستان ۽ پوري خطي جي ماڻهن جا سماجي ۽ اقتصادي مفاد آهن، ان حڪمت عملي ۾ اقتصادي سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڏکڻ ايشيا خاص طور تي پاڪستان سان موجوده لاڳاپن کي تزويراتي حصيداري جي نئين سطح تي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، سماجي ۽ اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان سماجي انصاف ۽ معاشي تحفظ تي ٻڌل نئون پاڪستان جي پنهنجي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو بنيادي زور جاگرافيائي سياست کان جيو اڪنامڪس طرف منتقل ٿي ويو آهي. وزيراعظم غربت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيل احساس پروگرام جا تفصيل ٻڌايا. هن چيو ته پاڪستان جو قومي صحت ڪارڊ پروگرام شهرين جي لاءِ ميڊيڪل مائيڪرو انشورنس جي شعبي ۾ پهريون قدم آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي وچ ايشيا ويزن جي 5 اهم ٿنڀن جي اندر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن سان گڏوگڏ اداراجاتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، ڪسٽمز، فوجي تعليم، ثقافت ۽ سياحت سان گڏوگڏ ويزا جي سهولت جي شعبن ۾ مثبت معاهدن جو گرمجوشي سان ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، پاڪستان جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ جمهوريه ازبڪستان جي اولي مجلس جي قانونساز ۽ چيمبر ۽ سينيٽ جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي بين الپارلياماني گروپس جي مٽاسٽا ۽ ملاقاتن تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران نوٽيس ۾ آيو ته گذريل 5 سالن دوران ٻطرفي واپار ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو ۽ وبائي مرض ڪورونا جي باوجود گذريل سال ان ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ترجيحي معاهدي تي صحيحن ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي نفاذ جي آجيان ڪئي. اهي معاهدا ٻطرفن واپاري لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات جي علامت آهن ۽ گڏيل واپار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون تي ازبڪ – پاڪ بين الحڪومتي ڪميشن جي ستين اجلاس، ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٻئي دور، گڏيل بزنس فورم ۽ 28 فيبروري تي ٿيندڙ بزنس ڪائونسل جي چوٿين اجلاس جي آجيان ڪئي. هنن ٽيڪسٽائيل، فارماسيوٽيڪل، تعميراتي مواد، بئنڪنگ ۽ فنانس، ڪيميڪل انڊسٽري ۽ ٻين شعبن ۾ مفاهمت جي آجيان ڪئي. بنهي اڳواڻن رابطي جي ايجنڊا ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هنن متفقه ڪنيڪٽويٽي ڪوريڊور جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ، توانائي جي پائيپ لائينز ۽ خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي آڇ جي ذريعي واپاري رابطن جي توسيع کي ٻنهي ملڪن ۽ خطي جو مفاد قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي مستقبل جي لاءِ ترمذ، مزار شريف، ڪابل، پشاور ريلوي منصوبي جي اهم ڪردار جي توثيق ڪئي جڏهن ته منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪرڻ ۽ ٻنهي طرفن تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن تسليم ڪيو ته ٽرانس افغان ريلوي منصوبو وچ ايشيا کي پاڪستان جي ڪراچي، گوادر ۽ قاسم بندرگاهن سان ڳنڍيندڙ سڀ کان وڌيڪ اقتصادي ۽ مختصر ترين رستو آهي. ٻنهي اڳواڻن هوائي، ريل ۽ رستي رابطي جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. سلامتي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ ڳالهين ۽ تعميري تعاون کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن ۾ عملي جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فوجي مشقون، تربيت ۽ پيشيواراڻي ماڻهن جي مٽاسٽا شامل آهي. هنن سيڪيورٽي تي ازبڪستان پاڪستان گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي جنهن جو پهريون اجلاس 2 نومبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم عمران خان ۽ صدر شوڪت مرزايوف گڏيل ثقافتي ورثي ۽ صديون پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو احاطو ڪيو ۽ بنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ان سلسلي ۾ هنن اسلام آباد ۾ ظهيرالدين محمد بابر جي زندگي تي پهريون گڏيل سيمينار منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ثقافتي ۽ ميڊيا منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ پاڪستاني سيريلز جو ازبڪ زبان ۾ ترجمو ۽ بابر تي گڏيل پروڊڪشن شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي ناليوارن تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. اڳواڻن سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي ترقي کي ساراهيو ۽ مذهبي زياراتي سياحت جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت ۽ ڪاروباري رابطن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ”تاشقند – لاهور“ ۽ ”اسلام آباد – تاشقند“ جي روٽس تي باقاعده اڏامون شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. قائدين اسلامو فوبيا جي مسلسل رجحان تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسلامي تعاون تنظيم جي ڪوششن جي حمايت ڪندي ڌرين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو. ازبڪستان 2025 – 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پاڪستان جي بطور اميدوار پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغانسان کي انساني امداد جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي جيڪو علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندو. افغانستان کي اقتصادي امداد جي اهميت ۽ افغان غيرملڪي بئنڪن جي ذخيرن کي منجمند نه ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. ازبڪستان جي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان ازبڪ صدر کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ هن وقت ڳڻتي ۽ اهم مسئلا شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن سمورن پراڻن علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ذاتي طور تي ۽ ازبڪ وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ انهن جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم عمران خان کي مناسب وقت تي ازبڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.

متعلقہ مضامین