اسلام آباد ??? 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته عالمي ادارا معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي?? کي ساراهي رهيا آهن، ماضي وانگر ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين، حڪومت ميرٽ جي ب??ياد تي فيصلا ۽ قدم کنيا آهن، ادار?? کي مضبوط بڻايو پيو وڃي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستا?? کي خودمختياري ڏني وئي آهي، گذريل 5 مهينن ۾ اقتصادي محاذ تي اهم ڪاميابي ملي آهي، هلندڙ مهيني ۾ روانگي واپار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسار?? ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، مالياتي خساري تي ضابطو آندو ويو، مالياتي خساري تي نه رڳو ضابطو آندو ويو پر وياج جي ادائيگي کي ڪڍيو وڃي ته اهو سرپلس ۾ اچي وڃي ٿو، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام اچي ويو آهي. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسار?? ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.
عالمي ادارا حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي ساراهي رهيا آهن: عبدالحفيظ شيخ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena