امرتسر – 04 ??سم??ر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ??رتاج عزيز چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائوندري تي ڀارتي اڳرائي باوجود هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ جٽادار ??من لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ??هي، افغانستان جي مسئلي جو فوجي ناهي، اهو مسئلو افغان عوام جي خواهشن مطابق ڳالهين سان نبيريو وڃي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغان عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي، سارڪ سربرا??ه ڪانفرنس جو ملتوي ٿيڻ علائقائي سهڪار ??ي ڪوششن لاءِ ڌچڪو ??هي. افغانستان ۾ امن ۽ ترقي جي حوالي سان ڇهين هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار ??رتاج عزيز چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي، ڇڪتاڻ باوجود شرڪت خطي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ??هي. افغانستان کي پاڪستان رستي واپاري سهولتون ڏيڻ لاءِ اسن پر عزم آهيون، پاڪستان گذريل 30 سالن کان لکين پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، گڏيل قومن جي اداري سان گڏجي افغان پناهگيرن جي با عزت پنهجي ملڪ وا??سي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
ڪانفرنس ۾ شرڪت افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز