واشنگٽن – 18 آڪتوبر (اي پي پي) عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي مذهبي عدم برداشت جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بي جي پي جي اقتدار واري دور ۾ ڀارت ۾ مذهبي مت ڀيد جي پاليسين کي هٿي ملي. مذهبي اقليتن ۽ سندن حامين جو آواز دٻايو پئي وڃي ۽ انهن جون زندگيون مشڪل ڪيون پيون وڃن. مودي سرڪار جي اقليتن خلاف پرتشدد قدمن سبب مسلمانن، عيسائين، سکن، دلتن ۽ قبائلين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.رپورٽ مطابق بي جي پي جي حڪومتي دور ۾ مذهبي اقليتن تي حملن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مسجدن سميت اقليتن جي عبادتگاهن کي ڊاهيو ويو آهي. مودي سرڪار جي جابراڻين پاليسين سبب اقليتن کي ملڪيتن کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب بها??، اتر پرديش، دهلي ۽ ٻين شهرن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين مذهبي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻين اقليتن وانگر مسلمانن کي ??هريت ترميمي ايڪٽ ۽ اين آر سي جهڙن قدمن سان پوئتي ڌڪڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب آسام ۾ 7 لک مسلمانن جي شهريت کي ??طرو آهي. آمريڪي ڪميشن رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ اقليتن جي حوالي سان مذهبي آزادي بابت قدمن کي ??اراهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ وقت سر ۽ اثرائتن قدمن سبب مذهبي اقليتن جي آزادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. مذهبي آزادي لاءِ ڪرتارپور راهداري، سياسي ميدان م وڌيڪ نمائندگي ۽ قانوني تحفظ جهڙيون اهم ڪوششون تحسين جوڳيون آهن.
مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina