رياض – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان بحرين، ترڪيه، مصر ۽ گيميبيا جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي کي ي??ين?? بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبدالطيف بن راشد الزياني سان رابطي دورا?? فلسطيني علائقن جي صورتحال، هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ۾ عرب، اسلامي قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ برادر فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي ي??ين?? بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه عالمي انساني قانون جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاده فيصل بن فرحان جمهوريا گيميبيا جي پرڏيهي وزير ممدوتنگارا سان رابطي دورا?? فلسطيني علائقن جي صورتحال، فلسطين ۽ ان جي برادر عوام خلاف هر قسم جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ عرب، اسلامي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان کان علاوه ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان سان رابطي ۾ اسلامي ملڪن جي ڪوششن جي فر??م ورڪ اندر فلسطين مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن جو مقصد فلسطيني رياست ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي بحالي ۽ جنگ بندي لاءِ گڏيل سهڪار کي تيز ڪرڻ، اسرائيل کي سمورن بين الاقوامي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين کان روڪڻ آهي. مصري پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه دورا?? فلسطيني علائقن جي صورتحال، اسرائيل جي سمورين سنگين ڀڃڪڙين جي فوري خاتمي لاءِ گڏيل عرب ۽ ا??لامي قدمن کي مضبوط بڻائڻ، هڪ محفوظ ۽ مستحڪم فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سعودي پرڏيهي وزير پاران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر