مڪي ش??يف-05 جولاءِ (اي ??ي پي) سعودي عرب ۾ پهرين محرم 1446 هجري تي ڪعبي ش??يف جي غلاف جي تبديلي جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. عالمي خابرو اداري ( اردُو نيوز) موجب ڪعبي ش??يف جي غلاف جي تبديلي جو ڪم 159 فني ماهرن ۽ ڪاريگرن ذريعي ٿيندو آهي. هر سال ڪعبي ش??يف جي پراڻي غلاف کي سونهري ڪڙن سان ٻڌو ويندو آهي. انهن مان ڪڍي ڪري ان جي جائي تي نئين غلاف کي مڪمل طور تي ڪعبي ش??يف تي لڳائڻ جي عمل ۾ ٽي کان 4 ڪلاڪ لڳن ٿا . ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪمپليڪس ۾ خانه ڪعبه جي غلاف جي تياري تي 200کان به وڌيڪ ماڻهون ڪم ڪن ٿا. اهي سمورا ماڻهون غلاف جي تياري جي مختلف مرحلن ۾ حصو وٺن ٿا .غلاف جي تياري لاءِ هڪ هزار ڪلوگرام ڪچو ريشم استعمال ٿيندي آهي جنهن کي ڪمپليڪس جي اندر ڪارو رنگ ڏنو ويندوآهي. ڪپڙي جي تياري جي حوالي سان ڪمپليڪس ۾ جديد ترين مشينون موجود آ??ن. مشينون قرآني آيتن جو ڀرت تيار ڪرڻ ۽ دعائن لاءِ ڪارو ريشم تيار ڪن ٿيون. سادو ريشم به تيار ڪيو ويندو آهي. ان تي آيتون پرنٽ ڪيون وينديون آهن اهڙي طرح سون ۽ چاندي جي ڌاڳن سان ڀرت پڻ ڀريو ويندو آهي. ڪعبي ش??يف جي غلاف لاءِ 120 ڪلو گرام سون ۽ 100 ڪلو گرام چاندي جو ڌاڳو استعمال ٿيندو آهي. غلاف جي تياري جي هر عمل ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جي پنجن ڀرپور طريقي سان ٿيندي آهي مواد جي جاچ لاءِ ليبارٽري به موجود آ??ي.
پهرين محرم تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena