جنيوا-14 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان سان ملاقات ڪئي ۽ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي تي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. العربيه اردو موجب ٻنهي اڳواڻن انساني حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه جي تقريب جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ عالمي برادري جي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ??عا??ن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ سعودي عرب جي مستقل ??ما??ندي عبدالحسن بن خثيله ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحمان ال??اد به شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا