جده-14 نومبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي فوج طرفان غزه جي پٽيءَ جي هيڊ ڪوارٽرز جي نئين سر تعمير لاءِ قائم قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت ڪئي آهي. ج??ه ۾ جاري بيان ۾ او آءِ سي حملي کي فلسطيني شهرين ۽ اسپتالن، اسڪولن، يونيورسٽين، عبادتگاهن، رهائشي گهرن سميت غزه جي پٽيءَ ۾ شهري ملڪيتن کي نشانو نه بنائڻ لاءِ جاري فوجي جارحيت جو قرار ڏنو جيڪو عالمي انساني قانون جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. او آءِ سي عالمي برادريءَ کان پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪئي ته هو قابض اسرائيل کي عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ڪرڻ تي مجبور ڪري جنهن مان تازا ترين قرار??اد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 26 آڪٽوبر 23ع تي منظور ڪئي، جنهن ۾ شهرين، ملڪيتن، انساني ام??اد فراهم ڪندڙ سان گڏوگڏ اثاثن ۽ سهولتن جي تحفظ جو مطال??و ڪيو ويو آهي. او آءِ سي غزه تائين انساني ام??اد جي فوري، محفوظ، پائيدار ۽ بنا رنڊڪ جي فراهميءَ جو به مطال??و ڪيو.
او آءِ سي جي اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز