ابوظهبي- 22 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي الامارات ايئر لائين سعودي عرب لاءِ اضافي حج اڏامون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري موجب هلندڙ هفتي جي پڄاڻي کانپوءِ حج سيز?? جي آغاز سان گڏ ئي ڪمپني اعلان ڪيو ته هو مڪي شريف ۽ جده لاءِ اڏام?? جي تعداد ۾ اضافو ڪندي. ايئر لائين هڪ بيان ۾ چيو ته ان دوران مديني شريف لاءِ روزاني اڏامون هلايون وي??ديون. فضائي ڪمپني جده لاءِ ٻطرفي 10 اڏامن جو اضافو ڪيو آهي ۽ ان روٽ تي 7 جولاءِ تائين بوئنگ 777 جون اڏامون هلايون وي??ديون. جده لاءِ حج اڏامون الامارات ايئر لائي?? جي سعوي عرب لاءِ موجوده شيڊول موجب هلنديون، ان ۾ چيو وي?? آهي ته اضافي اڏامون ا??هن مسافرن لاءِ آهن جن وٽ ڪارآمد حج ويزا آهي. ا??هن جي عمر 12 سال کان وڌيڪ هجي ۽ مسافرن ڪووڊ – 19 کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي رکي هجي. الامارات پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، سيني گال، آئيوري ڪوسٽ، ماريشس ۽ ڏکڻ آفريقا کان سعودي عرب لاءِ حج اڏامون هلائي رهي آهي. دبئي کان ايندڙ حاجي س??ورن لاءِ هوائي اڏي تي هڪ ٽيم چيڪ اِن جو انتظام ڪندي ۽ رسمي ڪارروائي ۾ مدد ڪندي. ايئر لائين جو چوڻ آهي ته دبئي کان گذرندڙ مسافرن کي به ا??هن جي آمد جي دروازي کان روانگي جي دروازي تائين وٺي وڃبو ۽ حج ٽيم طرفان آمد جي سموري رسمي ڪارروائي مڪمل ڪئي وي??دي. الامارات جو چون آهي ته سندس حج اڏامن ۾ سوار ٿيندڙ مسافرن کي ا??هن جي عقيدي جي قدرن ۽ روايتن موجب وضو جي سهولت، بنا خوشبوءِ وارا توليا ۽ اضافي ڪمبل فراهم ڪيا وي??دا ۽ جهاز?? جي الميقات زون ۾ داخل ٿيڻ جا اعلان ڪيا وي??دا ته جيئن حاجي س??ورا حج احرام ٻڌي س??هن. مسافر 5 ليٽر تائين آب زم زم چيڪ ان ڪري س??هندا، ج??هن جي باري ۾ چيو وي?? آهي ته ان کي ڪارگو هولڊ ۾ خصوصي خانن ۾ رکيو وي??دو، عيدالاضحيٰ جي 6 ڏي??هن جي موڪلن دوران طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر جي مقبول ماڳن تي 34 اڏامن جو اضافو ڪيو وي?? آهي. جي سي سي جي ملڪن ۾ فضائي ڪمپني 21 کان 25 جون تائين الدمام لاءِ پنج اڏامون ۽ 22 جون کان 2 جولاءِ تائين ڪويت لاءِ 9 اضافي اڏامون هلائيندي، ايئر لائين عيدالاضحيٰ جي جشن موجب کاڌي جا آپشنز به پيش ڪندي.
الامارات ايئر لائين پاران سعودي عرب لاءِ اضافي حج اڏامون هلائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز