مريم اورنگزيب پاران اي پي پي اردو سروس جي انچارج حنيف صابر جي والد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار


اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) اردو نيوز سروس جي انچارج حنيف صابر جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

متعلقہ مضامین