شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت جي خلاف اپيل جو حق استعمال ڪنداسين: فواد چوڌري


APP01-090521 ISLAMABAD: May 09 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain and Adviser to Prime Minister on Accountability & Interior Mirza Shahzad Akbar addressing a press conference at Pak China Friendship Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلن جو احترام ڪري ٿي جڏهن ته شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت جي خلاف اپيل جو حق استعمال ڪنداسين، 20 سالن ۾ شريف فيملي ڦرلٽ ڪري اربين ڊالر جون ملڪيتون ٺاهيون، شريف فيملي ۾ ٻار بعد ۾ پيدا ٿئي ٿو پر اپارٽمينٽ اڳ ۾ ان جي نالي هوندو آهي، قانون نواز شريف فيملي ۽ عام ماڻهن جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ننڍن چورن کي به وڏن چورن جهڙا حق ملڻ گهرجن، ڪرپشن جي خلاف اها جدوجهد عمران خان جي نه پوري معاشري جي آهي، هر اداري کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان ته اميد ڪري رهيا هئاسين ته نيب ۽ عدالت شهباز شريف جي نواز شريف جي گارنٽي جو پڇندا ته هيستائين هو واپس ڇو نه آيو پر شهباز شريف جي هڪ ئي ڏينهن ۾ درخواست جو داخل ٿيڻ، نوٽيس ٿيڻ، پراسيڪيوشن کي نه ٻڌو ويو ۽ فوري فيصلو ٿي وڃي ٿو. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.

متعلقہ مضامین