وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران حسن خيل ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي پاڪ فوج ۽ سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه جي جوانن کي خراج تحسين پيش


اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت ٻين دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪ فوج ۽ خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي محمد ادريس، سپاهي بادام گل، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جي سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ سرزمين جي بهادر فرزندن دهشتگردن کي ماريندي پنهنجي جان ملڪ جي مٽيءَ تي نڇاور ڪئي، پوري قوم شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر

متعلقہ مضامین