نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اي سي او جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آذربائيجان جي شهر شوشا پهچي ويو


باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آذربائيجان جي شهر شوشا پهچي ويو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. نگران پرڏيهي وزير آذربائيجان ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.

مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی

متعلقہ مضامین