ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي ڪورونا بابت اشتهاري مهم هلائڻ جي سلسلي ۾ سڌ سماءَ واري وزارت لاءِ هڪ ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي


APP19-260321 ISLAMABAD: March 26 - Federal Minister for Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing the meeting of the Economic Coordination Committee of the Cabinet. APP

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي (اي سي سي) ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جي باري ۾ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ بابت اشتهاري مهم هلائڻ جي سلسلي ۾ سڌ سماءَ واري وزارت لاءِ هڪ ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جي باري ۾ عوام ۾ جاڳرتا لاءِ آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ميڊيا مهم لاءِ سمري جو جائزو ورتو. اي سي سي ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جي باري ۾ عوام ۾ جاڳرتا آگاهيءَ لاءِ سڌ سماءَ واري وزارت لاءِ هڪ ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری

متعلقہ مضامین