پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهي: پرڏيهي آفيس


اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسان بنگلاديش ۾ حالتن جي تيزي سان ۽ پرامن انداز ۾ معمول تي اچڻ جي اميد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان کي يقين آهي ته بنگلاديشي عوام جو جذبو ۽ اتحاد انهن کي هم آهنگي تي ٻڌل مستقبل طرف وٺي ويندو.

مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha

متعلقہ مضامین