ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس


APP58-22 ISLAMABAD: April 22 - Adviser to the Prime Minister on Finance & Revenue Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing a meeting of the Economic Coordination Committee of the Cabinet (ECC). APP

اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ 200 ارب رپين جي رليف پئڪيج ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال کان سخت متاثر ٿيندڙ مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ 75 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان قدم سان وڌيڪ 60 لک خاندانن کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت جي 19 منصوبن جي لاءِ 606 ملين ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي لاءِ 7 ملين رپين سميت ڪيترين ئي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن

متعلقہ مضامین