اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا پمز ۾ بيت ??لمال جي جديد سافٽ ويئر سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان بيت ??لمال ۽ صحت واري وزارت جي وڏن قدمن تحت مريضن ۽ ضرورتمن?? ماڻهن جي امداد کي شفاف ۽ تيز رفتار بڻائڻ لاءِ جديد سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، پمز ۾ بيت ??لمال ۽ صحت واري وزارت جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته حڪومت واعدي موجب پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي اها ئي مديني جي رياست جي حقيقي شڪل آهي، جتي وسيلن جو رخ ضرورتمندن طرف موڙيو پيو وڃي، غريب ۽ ضرورتمند مريضن جي علاج لاءِ مالي امداد جي فراهمي کي جديد رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری