اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا، هر ڪرپٽ عنصر جو بنا فرق جي احتساب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو به اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿيندو ۽ اسان جو ووٽر به ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر م??اه?? الله خان سميت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا جيڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي ب??يا??ن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏ??و آهي، م??اه?? الله جو هڪ ڀاءُ لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آهي، هن چيو ته م??اه?? الله جو هڪ ڀاءُ آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، هي ان جي ڪارڪردگي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن جي طرح نه هلندي ۽ هر ڪرپٽ عنصر جو احتساب ڪندي ۽ چور کي ان جي گهر تائين پهچايو ويندو ??و ته اسان انهي ب??يا?? تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آيا آهيون ۽ ماڻهو اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسا?? چور کي بي نقاب ڪريون ۽ هر هڪ جو احتساب ڪريون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ