لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) اسٽين ليس اسٽيل وانگر ڌوپجي چڪي آهي، ڪجهه ناڪام سياستدان مسلم ليگ (ن) ۽ ادارن جي خلاف ڇڪتاڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن جو چور دروازو کلي وڃي پر اهي مايوس ٿيندا، ملڪ جي ترق?? جي لاءِ امن ۽ استحڪام تمام ضروري آهي، ادارن ۾ ڪو ٽڪراءُ نه آهي، موجوده ح??ومت پارليامينٽ جي 5 سالا مد?? جي حرمت کي بحال ڪيو. هو ايڪسپو سينٽر ۾ يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاج?? جي اهتمام هيٺ ٻي عالمي بزنس ڪانفرنس ۽ نمائش کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چي?? ته 2013ع ۾ ملڪ جي معيشت ٻڏي چڪي هئي جڏهن پاڪستان ۾ ڪير ب?? سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ ت??ار نه هو پر هاڻي هتي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ترق?? جي اها ئي رفتار جاري رهي ته 2025ع ۾ پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ ٿيندو.
ملڪ جي ترقي جي لاءِ امن ۽ استحڪام تمام ضروري آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ