اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مشهور عالمي ريٽنگ ادارن اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي جو اعتراف ڪيو آهي. هن اها ڳالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري، ??قتصادي ۽ معاشي واڌويجهه ۽ شرح، قرضن جي صورتحال، مالياتي استحڪام، ايف بي آر پاران ٽيڪس ??صولين ۽ ٻاهرئين ملڪن کان ايندڙ مٽاسٽا جي ناڻي، ??ڌي سنئين غيرملڪي سيڙپڪاري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، ادائيگي جي توازن، سرڪاري قرض ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ نمايان ا??ڀرائي سميت ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : راکی