اوڪاڙه – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل ??ات??و ڪيو ويندو، تربيلا، نيلم جهلم ۽ ٻين بجلي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، 960 ميگاواٽ جو نيلم جهلم جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿيند??، نواز شريف ڪنهن جي چوڻ ??ي استعيفيٰ نه ڏيندو، اسان کانسواءِ ڪنهن موٽرويز تي ڌيان نه ڏنو، سڄي ملڪ ۾ ترقياتي ڪم جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوڪاڙه ۾ مسلم ليگ (ن) جي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام جو جوش 2013ع جو منظر ياد ڏياري رهيو آهي، آئون اوڪاڙه سان ۽ اوڪاڙه جي عوام مون سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ديپالپور فلائي ا??ور جي تعمير ۽ سوئي گئس جي فراهمي، رستن جي تعمير ۽ مرمت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ديپالپور فلائي ا??ور جي تعمير تي 74 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندو جڏهن ته رستن جي تعمير ۽ مرمت تي 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا.
2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : راکی