گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابندين جي خاتمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نائب نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي 193 رڪني ج??رل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي شين جي کوٽ، بدترين معاشي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ غير نتيجي جوڳي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي مقصدن ۽ اصولن سان هڪ جهڙائي نٿيون رکن. ان موقعي تي ج??رل اسيمبلي ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جي خاتمي جي مطالبي تي ??ڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. ج??رل اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 187 ووٽ وڌا ويا جڏهن ته رڳو ٻن ملڪن آمريڪا ۽ اسرائيل ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي ۽ هڪ ملڪ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي ??اڪستاني نمائندي عثمان جدون چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي پنهنجن وسيلن خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جهڙا قدم پائيدار ترقي بابت 2030ع جي ايجنڊا ۾ شامل اسان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته پابندي جو خاتمو ڪيوبا جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻ??ئڻ ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو.
پاڪستان طرفان ڪيوبا خلاف آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔