گڏ??ل قومون-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏ??ل قومن جي امن ڪاررواين ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ جي پنهنجي مضبوط ارادن جو ورجاءُ ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته فلسطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي قبضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مصيبتن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ عورتن، امن ۽ سلامتي جي موضوع تي مباحثي ۾ ٻڌايو ته عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف سڀ کان وڌ??ڪ سنگين خلاف ورزيون غير ملڪي قبضي جي حالتن ۾ ٿيون آهن ڇاڪاڻ ته قبضي جو هڪ مقصد والاريل آبادي کي محڪوم بڻائڻ هوندو آهي، جنهن ۾ عور??ون ۽ ڇوڪريون سڀ کان وڌ??ڪ غير محفوظ هونديون آهن. پاڪستان نمائندي چيو ته اها صورتحال ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي آهي جتي 1990ع کان هڪ لک کان وڌ??ڪ ڪشميري مرد، عور??ون ۽ ٻار شهيد ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ هن سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو پرڏيهي قبضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي سنگين ۽ ناقابل قبول صورتحال جي خاتمي لاءِ قدم کڻي. ان بحث ۾ 60 کان وڌ??ڪ مقررن حصو ورتو ۽ امن جي عمل ۾ عورتن جي شموليت ۽ برابري جي بنياد تي فيصلا سازي ۾ حصو وٺڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي گڏيل واعدن جي پڌرنامي جي توثيق ڪئي جنهن ۾ عورتن، امن ۽ سلامتي جي گڏ??ل قومن جي امن فوج کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مرڪزي ترجيح ??ور شناخت ڪئي وئي، هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي سياسي عزم کي عملي قدمن سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پرڏيهي قبضي تحت ڪشمير، فلسطين ۽ ٻين هنڌن تي عورتن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
فلسطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي قبضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مصيبتن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa