بيروت-25 آڪٽوبر(اي پي پي) لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي چيو آهي ته لبنان جي آئين ۽ قانون موجب هٿيار رکڻ جو اختيار صرف فوج کي هجڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽن موجب لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ان ??الهه تي زور ڀريو ته لبنان ۾ جنگ بندي لاءِ تمام گهڻو عالمي دٻاءُ موجود آهي.هن لبنان جي حمايت لاءِ منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس جي موقعي تي خ??اب ڪندي چيو جنگ بند?? جو فيصلو اسرائيل جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ کان ا ڳ انهن جو تحفظ ضروري آهي. ان لاءِ پهرين جنگ بندي ۽ بعد ۾ 1701 ٺهراءَ تي عملدرآمد کي ترجيح ڏني ويندي. هن ان ??الهه تي پڻ زور ڀريو ته آئين موجب لبنان ۾ هٿيار رکڻ فوج تائين محدود هجڻ گهرجن. نجيب ميقات?? جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ گولا باري ۽ بمبار?? جو سلسلو جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria