نيويارڪ – 12 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) چيو ته سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 400 مل??ن (60 سيڪڙو) ٻارن کي گهرن ۾ باقاعدگي سان نفسياتي جارحيت يا جس??اني سزائن کي م??هن ڏيڻو پوي ٿو. شنهوا مطابق يونيسيف راندين جي پهرين بين الاقوامي ڏي??هن جي موقعي تي جاري ڊيٽا ۾ چيو ته ا??هن مان اٽڪل 330 مل??ن ٻارن کي جس??اني طور سزا کي م??هن ڏيڻو پوي ٿو. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو ته ٻارن کي گهر ۾ جس??اني يا زباني زيادتي جو نشانو بڻايو ويندو آهي، يا جڏهن هو پنهنجن پيارن کان سماجي ۽ جذباتي سار س??ڀا?? کان محرون ٿيندا آهن، ته ان سان ا??هن جي عزت نفس ۽ ترقي جي احساس کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي سٺو رويو ٻارن کي محفوظ محسوس ڪرڻ، سکڻ، مهارت پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي آس پاس جي دنيا کي نيويگيٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. نتيجن مطابق 4 مان هڪ کان ڪجهه وڌيڪ مائرون ۽ بنيادي سار س??ڀا?? ڪندڙ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته ٻارن جي مناسب پرورش ۽ تعليم لاءِ جس??اني سزا ضروري آهي. يونيسيف ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته هر ٻار محفوظ ۽ پيار جي احساس سان وڏو ٿئي، لاءِ حڪومتن کان مطالبو ڪري ٿو ته هو قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن ته جيئن گهر ۾ ٻارن خلاف هر قسم جو تشدد ممنوع هجي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 400 ملين ٻارن کي گهرن ۾ باقاعدگي سان نفسياتي جارحيت يا جسماني سزائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا