رياض_ 22 جون(اي پي پي) سعودي عرب ??ي نئين ايئر لائن رياض ايئر جي عملدارن چيو آهي ته رياض ايئر جي اڏامن جو سلسلو 2030 تائين يورپ جي وڏن شهرن تائين ڦهلايو ويندو، م??ڊيا رپورٽن موجب پيرس ايئر شو جي موقعي تي رياض ايئر جي سي اي او اوٽوني ڊگلس ٻڌايو ته 2030 تائين 100 کان وڌيڪ جاين تائين هوائ?? سفر جون خدمتون فراهم ڪرڻ جو هدف آهي، ان سان گادي واري شهر رياض جو هوائي رابطو يورپ جي وڏن شهرن سان قائم ٿي ويندو، هن چيو ته رياض ايئر دنيا جي حقيقي ڊيجيٽل ايئر لائن هون??ي جنهن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته جنهن طرح عام ماڻهو موبل فون يا ڊيجيٽل ڊيوائز ذريعي زندگي جي مختلف شين سان جڙيل آهن اهڙي طرح اهي رياض ايئر سان گڏ ر??ندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری