اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتن ۾ پنهنجي دور ۾ کنيل قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سيڪريٽري جنرل نوزيري 24 کان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي الوداعي دوري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن جي مدي لاءِ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقرري جي وزيرن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو هو.
اي سي او جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino