تحريڪ انصاف هميشه ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست ڪئي، پي ٽي آءِ سندن لاشن جي انتظار ۾ رهي ٿي، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان گڏجي نٿا هلي سگهن، پنهنجي ملڪ جي جهنڊي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا: عطاالله تارڙ


اسلام آباد -21 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته تحريڪ انصاف هميشه ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست ڪئي، جيڪا هميشه لاشن جي انتظار ۾ رهي ٿي، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان گڏجي نٿا هلي سگهن، پنهنجي ملڪ ۽ جهنڊي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا. تحريڪ انصاف تي پابندي جي حوالي سان مشاورت جاري آهي، پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ سموريون سهولتون مليل آهن، بنون واقعو تحريڪ انصاف پاڻ ڪرايو، خيبر پختونخوا حڪومت جي جاچ ڪميشن کي رد ڪيون ٿا، جرمني واقعو مذمت جوڳو آهي، جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملي ۾ جيڪڏهن ڪو پاڪستاني ملوث ٿيو ته ان جو پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪجهه اهم حقيقتون عوام آڏو رکڻ ضروري هيون، ته جيئن ڪوڙي بيانئي ۽ پروپئگنڊه تان پردو کڻي سگهجي. هن چيو ته هڪ پارٽي جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي، ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست ڪئي وڃي ۽ ملڪ ۾ حالتون خراب ٿين، معاشي استحڪام نه اچي جڏهن اهي اقتدار ۾ هئا تڏهن به انهن جي سياست جو طريقيڪار اهو هو، هاڻي اپوزيشن ۾ به اها ئي پاليسي آهي ته ملڪ ۾ دهشت ۽ ڏڦيڙ ڪهڙي ريت پکيڙجي، معيشت کي ڪهڙي طرح نقصان پهچائجي، ملڪ کي ڊي ريل ڪيئن ڪجي؛ اهو ئي انهن جي منشور جو مقصد آهي. هن چيو ته 2014ع ۾ هنن پنهنجي ڌرڻي دوران پي ٽي وي تي حملو ڪيو. هن چيو ته هن هميشه گارگند جي سياست ڪئي ۽ پنهنجي مخالفن خلاف غلط زبان استعمال ڪئي؛ هميشه لاشن جي سياست سندن وطيرو رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس جي ايڇ ڪيو ته حملو ڪيو ويو، ان جو بيانئو فوج سان ماڻهن کي ويڙهائڻ هو ته جيئن سسٽم ڊي ريل ٿي سگهي. هن چيو ته اهڙي سياست ڪندڙ پارٽي سياسي نه دهشتگرد ٿي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن کي ملڪ ۾ آڻي رهائڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي باني جو بيان موجود آهي، ان جي هميشه طالبان لاءِ همدردي هئي ۽ هي اڄ به لاشن جي ڳولها ۾ آهن. 15 جولاءِ تي اسان جي 8 جوانن بنون ۾ شهادت ماڻي، لڪي مروت جي هڪ جوان گرنيڊ مٿان سمهي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ سوين ماڻهن جون جانيون بچائي ورتيون، ان جا 3 ٻار هئا. وفاقي وزير چيو ته هن بنون ۾ فوج طرفان سويلين تي فائرنگ جو الزام لڳايو، بنون ۾ واپارين جو امن مارچ هو جنهن ۾ سياسي پارٽين جا ماڻهو شامل ٿيا ۽ جتي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي وڃي فائرنگ ڪئي، اتي هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڀڄ ڊڪ دوران 22 ماڻهو زخمي ٿي پيا؛ ان امن مارچ ۾ هٿياربند جٿا شامل ٿيا ۽ انهن فائرنگ ڪئي، ڀڄ ڊڪ ٿي. 15 جولاءِ تي جتي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي 8 جوان شهيد ٿيا ۽ اتي وڃي فائرنگ ڪرڻ ۽ امن مارچ ۾ هٿياربند شامل ٿيڻ جو ڪهڙو جواز هو. هڪ ڪلوميٽر اندر فائرنگ ڪري هڪ شخص کي ماريو ويو، واپارين امن ۽ استحڪام لاءِ امن مارچ ڪيو. هن چيو ته اهڙي سياست نه ڪيو، 9 مئي جي واقعن ۾ جيڪي ماڻهو استعمال ٿيا انهن جو ڪو به والي وارث ناهي ٿيو، جڏهن ته هنن پنهنجي خاندان ۽ ليڊرن کي محفوظ ڪري ورتو، هنن سندن ڪيسن جي پيروي نه ڪئي. هن چيو ته بنون واقعي جي انڪوائري کان انڪار ڪيو ويو، ظاهر آهي جنهن جا ماڻهو ملوث آهن اهي انڪوائري ڇو ڪرائيندا. هن چيو ته عالمي رسالي ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو آهي ته خانصاحب کي دهشتگردن جي ڊيٿ وارنٽ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي پنهنجي دور ۾ شهباز شريف کي بڪتر بند گاڏي ۾ آندو ويو. مريم نواز شريف کي هڪ ننڍي سيل ۾ رکيو ويو جتي مصلحي وڇائڻ جيتري به جاءِ نه هئي، وفاقي وزير چيو ته جيڪو شخص قيد ۾ ٻين کي گهرن مان ماني آڻڻ نه ڏيندو هو، بڪتر بند گاڏين ۾ انهن کي آڻي ڊيٿ سيل ۾ رکندو هو، هو اڄ وڪيلن ذريعي ڪوڙا انٽرويو ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي سياسي اڳواڻن، وڪيلن ۽ فيملي سان هفتي ۾ 3 ڏينهن ملاقات ٿيندي آهي. کيس سائيڪل ۽ واڪ جي سهولت ميسر آهي، رڌڻي جو به انتظام موجود آهي، اسان سياسي انتقام ورتو آهي ۽ نه ئي وٺنداسين، هي پرڏيهه ۾ دنيا کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ته کيس ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ سهولتون ميسر آهن. حڪومت ڪڏهن جيل ۾ کيس تڪليف ڏيڻ جي ڳالهه نه ڪئي، جڏهن ته هي پنهنجي دور ۾ ميڊيسن تائين جيل ۾ وڃڻ نه ڏيندا هئا، اعلان ڪندا هئا ته انهن کي سهولتون نه ڏيندس. انهن جي اڄ به ڪوشش آهي ته کين لاش ملن، بنون ۾ فائرنگ سندن ماڻهن ڪئي، هٿياربند جٿا پاڻ موڪليا. وفاقي وزير چيو ته سندن مڇرايل ماڻهن جرمني ۾ اسان جي سفارتخاني تي حملو ڪيو، اسان جرمني سان احتجاج ڪيو آهي، ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري ۽ سفارتخاني جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي موجودگي جي حوالي سان چيئرمين نادرا کي چيو آهي، ته هو ان ويڊيو مان نشاندهي ڪري، قومي جهنڊي جي توهين برداشت ڪرڻ جهڙي ناهي، ان جهنڊي ۾ اسان جي شهيدن جا لاش ويڙهيل ايندا آهن، ان جهنڊي جي سربلندي لاءِ قوم قربانيون ڏئي ٿي. اسان جي آفيسرن ۽ جوانن حياتين جون قربانيون ڏنيون آهن، هن جهنڊي جي سربلندي لاءِ جان به حاضر آهي. عطاالله تارڙ چيو ته هي هڪ مائينڊ سيٽ آهي جنهن هميشه ڏڦيڙ جي سياست ڪئي. 9 مئي جو حملو، اسيمبلي کي ختم ڪرڻ ۽ سائفر جو ڪوڙو بيانئو گهڙيو. هن چيو ته اڪثر پاڪستانين کي انتشار طرف اڪسايو وڃي ٿو، سندن ڌوڪي ۾ اچي ان واقعي ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نڪتو ته ان جو شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ٿيندو ۽ سخت ترين ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. وفاقي وزير چيو ته هن واقعي تي جرمنيءَ ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جرمني واقعي ۾ جيڪڏهن سياسي ڌريون ملوث نڪتيون ته انهن کي بچائي نه سگهندا. هن چيو ته هڪ طرف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي آهي ته ٻئي طرف ملڪ کي ڊي ريل ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي سمورين سازشن کان باخبر آهيون ۽ ملڪ جو تحفظ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان جون اهي سازشون ڪامياب نه ٿينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نٿا بڻائڻ چاهيون، سندن ۽ اسان جي طرز عمل سان قوم کي آگاهه ٿيڻ گهرجي، اسان پنهنجي ملڪ ۽ جهنڊي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا، مظلوميت جو پرچار ڪرڻ کان ڇوٽڪارو نه ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انٽرنيٽ جو مسئلو پوري دنيا ۾ آهي، حڪومت جو ان سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن لاءِ معاون ڪنٽينٽ جي موجودگي سبب نگران دور ۾ ايڪس تي پابندي لڳائي وئي. ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي مشاورت جي نتيجي ۾ جوڙي ويندي، ان جو مقصد هڪ اهڙي فورم جو قيام آهي جتي ڪنهن کي شڪايت هجي ته ان جي شڪايت داخل ٿي سگهي. ان حوالي سان سمورن صحافتي تنظيمن سان مشاورت جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه افغانستان سان هڪ دوست ۽ پاڙيسري ملڪ وارو تعلق رکيو آهي، پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، هن چيو ته جرمني واقعي تي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بنون ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو ان جي وزيراعظم مذمت ڪئي، ڪي پي ڪي حڪومت ان تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري، هو دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ سهڪار ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان واپس آندل دهشتگردن سبب پوري قوم کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل 6 جي معاملي تي پيپلز پارٽي حڪومت جو ساٿ ڏيندي، نيئر بخاري جو بيان به واضح آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي دور ۾ اسيمبلين کي ختم ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. جهڙي ريت هي ڏڦيڙ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، ڳالهين تي تيار ناهن، ته اسان اهو سمجهون ٿا ته هي دهشتگرد پارٽي آهي جيڪا ملڪ لاءِ خطرو آهي،تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان گڏجي نٿا هلي سگهن، پي ٽي آءِ تي پابندي جي حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تي مشاورت جاري آهي.

مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا

متعلقہ مضامین