هر شخص کي ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي


لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هر شخص کي ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بيوروڪريسي کي اسلام جي بنيادي اصولن تي عمل ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻي پوندي، ٻين ملڪن تي ڀاڙڻ بدران پاڻڀرائپ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ملڪي ترقي ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ اهلڪارن جو ڪردار مثالي هجڻ گهرجي، بهتر نظم ۽ ضبط ۽ بدعنواني جي خاتمي سان ئي معاشرا ترقي ڪن ٿا. هن چيو ته علم سان گڏوگڏ جذبن جي تربيت پڻ تمام ضروري آهي. آفيسرن کي مخاطب ڪندي هن چيو ته انساني زندگي جي اندر ڪجهه فارميٽو سال هوندا آهن جن مان توهان گذري چڪا آهيو، جڏهن توهان جي تربيت ڪئي وڃي ٿي ته ان ۾ مئنيجمينٽ جي ٽيڪنالاجي جي حوالي سان توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو، ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي نئين مئنيجمينٽ ٽيڪنيڪس بابت ٻڌايو وڃي ٿو. هن چيو ته هر ايندڙ حڪومت جو دارومدار سينيئر سرڪاري آفيسرن تي هوندو آهي، ملڪي نظم ۽ ضبط کي هلائڻ جي لاءِ توهان جو ڪردار لازم ۽ ملزوم آهي، پاڪستان ۾ سٺي ۽ بري ٻنهي قسم جي ماڻهن جو دارومدار به توهان تي آهي. هن چيو ته توهان کي حڪومت کي صحيح رستي تي هلائڻ ۽ ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، علم جي معاملي ۾ توهان ۾ انڪساري هجڻ گهرجي، انڪساري جو مطلب اهو نه آهي ته مون کي علم نه آهي پر عاجزي اها آهي ته مون کي سکڻو آهي. هن چيو ته سول سروسز جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا آفيسر گذريا آهن جن گڊ گورننس ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلام ۾ انساني خيرخواهي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ان لاءِ مسلمانن تي مستحقين ۾ خيرات ۽ صدقو ڏيڻ فرض ڪيو ويو آهي، هر مذهب ۾ انساني خيرخواهي ئي جو پيغام ملي ٿو، حضور ﷺجي سڄي محنت انسانن جي لاءِ هئي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي ته حضور ﷺ جي سنت تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرآن مجيد جي پهرين سورت ۾ ئي رياست جي ذميوارين جو تعين ٿي وڃي ٿو، پاڪستان جو جيڪو بنيادي مقصد آهي اهو قرآن جي اندر موجود آهي، پاڪستان جي روح جو بنياد عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ لڪل آهي. هن چيو ته خدمت جو ڪم آسان نه آهي ان جي لاءِ جذبي جي ضرورت آهي، توهان کي هر ڪيس مان سکڻو آهي ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي جو ڪيس ٻڌڻو پوندو ڇو ته توهان وٽ طاقت آهي ۽ ان جو صحيح استعمال ضروري آهي جنهن جو زندهه مثال اهو آهي ته مون پنهنجي 5 سالن ۾ ڪڏهن هڪ به سفارش نه ڪئي ته جيئن سسٽم خراب نه ٿئي. هن چيو ته ڪميونيڪشن هڪ بهترين هنر آهي جنهن کي توهان ماڻهن وٽ هجڻ گهرجي. تقريب جي آخر ۾ صدر 33 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ 118 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان کان اڳ ڊائريڪٽر نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ڊاڪٽر اعجاز منير ڪورس جي مقصدن تي روشني وڌي.

مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج

متعلقہ مضامین