پاڪستان پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف


APP01-011222 ISLAMABAD: December 01 - Minister of State on Foreign Affairs, Hina Rebbani Khar calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/MOS

اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي، عالمي برادري افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مملڪتي وزير پنهنجي تازي افغانستان جي دوري جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ پرامن افغانستان جو خواهشمند اهي، عالمي برادري افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردا ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان ڀائرن ڀينرن جي هر ممڪن مدد ۽ حمايت جاري رکندو.

مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا

متعلقہ مضامین