اسلام آباد / لاهور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آئي سي ٽي) جي شعبي کي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ ”گيم چينجر“ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي خيالن ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، صحيح ۽ مثبت قدمن جي ڪري اسان ٻن کان ٽن سالن جي عرصي ۾ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ 15 بلين ڊالر ساليانو ڪمائي سگهون ٿا، رڳو سائبر جي شعبي ۾ 80 ملين تربيت يافته انساني وسيلن جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان رڳو ان شعبي ۾ پنهنجي هيومن ريسورس کي تربيت ڏيڻ جي قابل ٿي وڃون ته اسان ملڪ ۾ بيروزگاري تي ضابطو آڻي سگهون ٿا، دنيا تيزي سان اڳتي نڪري رهي آهي، اسان کي پنهنجي پاليسي سازي جي عمل کي تيز ۽ دنيا ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو، محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪريون ته ڪاميابي يقيني آهي، اسان کي وڌ کان وڌ آءِ ٽي گريجوئيٽس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان ترقي يافته ملڪن وانگر جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهون، چاهيان ٿو ته پاڪستان سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊيفنس ۾ طاقتور ٿي وڃي. هو پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ لاهور ۾ ويب 3.0 جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پنجاب جي ناڻي وارو وزير محمد محسن خان لغاري، وڏي وزير جو انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر ارسلان خالد، پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي (پي آئي ٽي بي) جو چيئرمين سيد بلال حيدر، انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر سرفراز خورشيد، آءِ ٽي پروفيشنلز، ڪاروباري شخصيتون ۽ ميڊيا پرسنز به ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت نوجوانن جي کوٽ نه آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن وٽ تمام گهڻا موقعا موجود آهن ۽ آءِ ٽي صحت جي شعبي جي ۾ انقلابي تبديليون آڻي سگهي ٿي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن سان شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو جڏهن ته روايتي تعليم سان گڏوگڏ اسان کي آن لائين تعليم کي اختيار ڪرڻو پوندو. پاڪستان کي هن وقت انساني وسيلن طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا دفاعي نظام جي اڳئين درجي ۾ داخل ٿي رهي آهي جيڪا سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊفينس آهي. هن وقت روس يوڪرين جنگ ۾ سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊفينس جي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويو آهي ته جيئن پنهنجي مخالف جي علائقن ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي ۽ مواصلات ۽ رابطي کي مفلوج ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 22 آگسٽ تي سائبر سيڪيورٽي تي عالمي رينڪنگ شايع ٿي پر بدقسمتي سان ان ۾ پاڪستان جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو. هن چيو ته نوان ۽ تحقيقي خيال پيدا ڪرڻ جي معاملي ۾ پاڪستان ڪنهن کان پـٺتي نه آهي پر وقت جي اهم ضرورت معلومات ۽ ڊيٽا جا ذريعا آهن، انساني وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي موجوده سطح تي سچي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ تمام گهڻي ڊيٽا کي سنڀالڻ کان قاصر آهي. هن چيو ته رڳو سائبر جي شعبي ۾ 80 ملين تربيت يافته انساني وسيلن جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان رڳو ان شعبي ۾ پنهنجي هيومن ريسورس کي تربيت ڏيڻ جي قابل ٿي وڃون ته اسان ملڪ ۾ بيروزگاري تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ پنهنجي نوجوانن کي وڌيڪ معاوضي تي نوڪريون فراهم ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته اسان جي نوجوان نسل جي ڪري پوري دنيا پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي، انهن کي چوٿين صنعتي انقلاب جي لاءِ ڪوانٽم ڪمپيوٽرز سان هلندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تيزي سان ترقي ڪندڙ دنيا کي افرادي قوت ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته ۽ هنرمند نوجوانن جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ان قيمتي انساني وسيلن کي تيز رفتاري سان تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين ته انديشو آهي ته نوجوانن جو اهو غيرتربيت يافته جٿو قومي معيشت تي بار بڻجي ويندو. صدر چيو ته اسان گهٽ قومي وسيلا خرچ ڪري ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ٻيا پروفيشنلز پيدا ڪندا رهيا آهيون پر بدقسمتي سان اهي اعليٰ تعليم يافته ۽ معياري انساني وسيلا ٻين ملڪن ۾ هليا ويا جتي انهن پنهنجي ميزبان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو ۽ گڏوگڏ اسان کي محروم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دنيا تيزي سان ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ طرف وڌي رهي آهي جيڪا اسان جي موجوده جديد ترين سپر ڪمپيوٽر سان ملين ڀيرا تيز آهي. هن چيو ته اسان کي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ تحقيق ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ جي لاءِ هڪ بورڊ قائم ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي فاسٽ ٽريڪ بنيادن تي اختيار ڪرڻ جي لاءِ ادارن سان اتحاد ۽ رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. صدر فيڊريشن ۽ ان جي اجزا جي اڪائين جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم جي سرپرستي ۽ ان کي فروغ ڏئي سگهجي جڏهن ته عورت افرادي قوت ۽ مختلف طور تي معذور ماڻهن کي پيداواري معاشي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام سان اٽڪل 2.2 ملين ماڻهو اڳ ۾ ئي فائدو کڻي چڪا آهن ۽ اهڙن پروگرامن کي آساني سان نقل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي سگهه ڏئي سگهجي ٿي ته جيئن هنرمند پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ٿئي ۽ پاڪستاني نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪري سگهجن. ڊاڪٽر ارسلان خالد ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان انساني وسيلن جي ترقي ۽ آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏئي پنهنجي مالي وسيلن تي ضابطو آڻي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ويب 3.0 ڊومين ۾ هڪ حوالو پاليسي دستاويز تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ فراهم ڪري سگهجي. پي آءِ ٽي بي جي چيئرمين سيد بلال حيدر شرڪت ڪندڙن کي پي آءِ ٽي بي جي ڪاميابين ۽ ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ۾ ان جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اٽڪل 500 اسٽارٽ اپس ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ مختلف سروسز جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ذريعي مختلف ٽيڪسن جي عيوض 137 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب مستقبل ۾ اي پروڪيورمنٽ سسٽم جي ذريعي ساليانو 450 ارب رپين جي خريداري جو منصوبو بڻايو آهي. ان کان اڳ صدر پاڪستان ۾ ويب 3.0 ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪمپنين ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي هدايت تي ڪجهه هفتا اڳ پنجاب ۾ ويب ٿري ٽيڪنالاجي لاڳو ڪرڻ تي غور جي لاءِ 22 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ڪميٽي ۾ ناڻي واري صوبائي وزير محسن لغاري کي ڪنوينر، وڏي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري خاص معاون ڊاڪٽر ارسلان خالد کي معاون ڪنوينر ۽ پي آءِ ٽي بي جي چيئرمين سيد بلال حيدر کي ميمبر مقرر ڪيو ويو جڏهن ته چيئرمين پاشا، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن جا ماهر پڻ ڪميٽي ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ ويب ٿري پورٽل web3.punjab.gov.pk کي آن لائين ڪيو ويو ته جيئن آءِ ٽي ماهر ۽ آءِ ٽي ڪمپنيون ان تي رجسٽر ڪرائي صوبي ۾ ويب ٿري ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجربن جي روشني ۾ اهم تجويزون پيش ڪري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڏس ۾ پنجاب ويب 3.0 ڊومين تي ڪم ڪندڙ چونڊ نمايان ڪمپنين ۽ آءِ ٽي ماهرن کي تعريفي شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس سان پڻ نوازيو.
صدر پاران انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو شعبو پاڪستان جي معيشت جي لاءِ گيم چينجر قرار
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری