ملڪي روينيو جو موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم


APP48-15 ISLAMABAD: May 15 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding external finances. APP

اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي روينيو جو موثر استعمال، بهتر مالياتي ۽ قرض انتظام، توانائي ۽ مالياتي شعبن ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي ماحول جي بهتري موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ترقياتي مقصد جي لاءِ قرضن جي استعمال جا موقعا ڳوليا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف ترقياتي حصيدارن کان ملڪ کي ملندڙ امداد جي حوالي سان ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرئين مالياتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری

متعلقہ مضامین