عوام جي مسئلن جي حل لاءِ صوبن ۽ وفاق ۾ رابطا بهتر ڪرڻ ضروري آهن: وزيراعظم


APP82-02 ISLAMABAD: February 04 - Prime Minister Imran Khan chairs a meeting to enhance synergy and coordination at PM's Office. Governor Khyber Pakhtunkhwa Shah Farman, Chief Minister Punjab Sardar Usman Buzdar and Chief Minister Khyber Pakhtunkhwa Mehmood Khan are also present. APP

اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي درپيش مسئلن جي جامع حل ۽ موثر پاليسين جي جوڙجڪ لاءِ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ رابطا بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي 6 مهينن جو مدو مڪمل ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ پنهنجي اقتداري دور جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ هيستائين عوام ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن انهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته ترقي ۽ رفتار جي دعويٰ ڪرڻ وارا ڪهڙي طرح جو پاڪستان ۽ ڪهڙيون حالتون ڇڏي ويا آهن، هن اها ڳالهه اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.

متعلقہ مضامین